دنب بٺي

دنب بٺي

دنب بٺي

دنب بٺي: قديم سنڌو تهذيب ۽ آمريءَ واري دؤر سان تعلق رکندڙ هي قديم آثار جھانگارن کان ڏهه ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ٻانڌڻيءَ کان ڏهه ڪلوميٽر اتر- اولهه ۾ تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. هيءُ ماڳ جاگرافيائي طور 26˚17` اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67˚40` اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن جي ڀر ۾ پير آريءَ وارو چشمو آهي. 84 فوٽن جي اوچائي رکندڙ ٽڪريءَ تي موجود هن ماڳ تي قديم اڏاوتن جا نشان ۽ ڳاڙهي تي ڪاري رنگ جو ٺڪراٺو وڏي تعداد ۾ ملي ٿو. هن ماڳ تي تجرباتي کوٽائي اين. جي. مجمدار 1930ع ڌاري ڪئي هئي. کوٽائيءَ دوران کيس هڪ ڪوٺيءَ مان ٺڪراٺو ۽ ماڻهوءَ جو هڏائون ڍانچو هٿ آيو هو، جڏهن ته هتي وڌيڪ ڪوٺڙين جا نشان به موجود آهن. هتي ڪوٺڙين جي نموني ۾ قبرون آهن، جن جي چؤڦير اڌوري گهڙيل پٿر جو ٻنو ڏنل آهي. ماهرن جو خيال آهي ته هتان ملندڙ ٿانو آمريءَ ۽ هڙاپا تهذيبن جا همعصر آهن ۽ ڪي نال (Nal) ثقافت سان پڻ واسطو رکن ٿا. هتي وڏي تعداد ۾ ميٽوڙي رنگ جو ٺڪر ملي ٿو، جيڪو آمريءَ واري ٺڪر جهڙو آهي، جڏهن ته ٽڪر جي پاڙ وٽ کوٽائيءَ سان ڳاڙهي تي ڪارو ٺڪر مليو آهي. هن دڙي جي ڊيگھه 320 ميٽر، ويڪر 300 ميٽر ۽ اوچائي 26 ميٽر آهي.


لفظ دنب بٺيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو